اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي هڪطرفي ۽ غيرقانوني طور تي منسوخ ڪندي چار سال گذري چڪا آهن، ان وقت کان وٺي هيستائين ڀارت ڪشميري ??وام کي دٻائڻ جي لاءِ طاقت ۽ تشدد جي وحشياڻي استعمال جو سهارو ورتو آهي، ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري ??يثيت کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جو هڪ سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف استحصال ڏهاڙي (5 آگسٽ) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري ??ي حق کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري ??بادي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀارت جا تازا قدم ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي آبادي کي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ جي ڪڌي ڀارتي ارادي جي نشاندهي ڪن ٿا. ه?? چيو ته ان مقصد جي لا??ِ ڀارتي عملدارن چونڊ تڪن جي چونڊ حدبندي ڪئي آهي، لکين غيرڪشميرين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن ۽ م??جوده ووٽر فهرستن ۾ ڦيرڦار جي لاءِ لکين عارضي رهواسين کي پڻ شامل ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا قدم ڪشمير جي آبادي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل ڀارتي حڪمت عملي جو جز آهي. وزيراعظ?? وڌيڪ چيو ته پاڪستان اهڙن سمورن هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪري ٿو. ه?? چيو ته ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي وحشياڻو قبضو نه رڳو عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي پر بنيادي انساني حقن جي عالمي سطح تي مڃيل اصولن جي پڻ توهين آهي. ه?? چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جاري ??کيو آهي. ان مسئلي تي عالمي برادري کي وڌيڪ خاموش نه رهڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڀارت 7 ڏهاڪن کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي قابض آهي ۽ ان عرصي ۾ فوجي گهيراءُ ۽ م??ڊيا بليڪ آئوٽ جا چار سال به شامل آهن. انهن سمورن عملن جي باوجود ڀارت بهادر ڪشميري ??وام کي خاموش ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ ڪشميرين جي آزادي جي لاءِ منصفاڻي جدوجهد وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان بيگناهه ڪشميرين جا ٽي نسل آزادي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته ان جي باوجود اڄ به ڪشميري ??وام ڀارتي قابض فوج جي وڌندڙ ڏاڍ جو مقابلو ڪري ??هي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان انهن بهادر ڪشميري مردن ۽ عورتن کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ انهن کي ڀارتي قبضي کان آزادي جي جدوجهد ۾ پنهنجي مسلسل حمايت جو يقين ڏياري ٿو. ه?? چيو ته ڀارت ڪشميري ??وام، عالمي برادري ۽ گڏيل قومن سان پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اها ناڪامي ڀارت جي هڪ ذميوار ميمبر رياست طور تي موقف کي سواليه نشان بڻائي ٿي. ه?? چيو ته ڀارت جو ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري ??و حق ڏيڻ کان انڪار هن پوري ??طي جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. وزيراعظ?? وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪشميري ??وام جي آزادي جي جدوجهد جي جائز ۽ م??صفاڻي مقصد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري ??کندو، اهو پاڪستان جو پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان واعدو آهي ته اسان انهن جو آواز هر فورم تي ان وقت تائين کڻي وينداسين جيستائين عالمي برادري ??ن مسئلي تي ايڪشن نه ٿي وٺي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري ??ي ذميواري ??هي ته ڀارت تي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون۽ ڪشمير تي 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين هڪطرفو ۽ غيرقانوني قبضو ختم ڪرڻ جي لاءِ زور ڏنو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ايشيا جا ماڻهو امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهن ۽ اهو ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بامعنيٰ مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت ٻين مسئلن تي ڳالهه ٻولهه شامل آهي.