اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني ۽ غاصباڻ?? قبضي جي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا ??هن?? پاڪستان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻجندو رهندو ۽ انهن جا جائز حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو، اسان کي ان ڳالهه تي يقين آهي ته گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ذريعي ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ممڪن آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي 5 آگسٽ 2023ع جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ صدر چيو ته 5 اگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي ڀارت?? قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين جي شروعات ڪئي. انهن ڪاررواين جو مقصد ڪشميري عوام کي بي اختيار ڪرڻ، راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ انهن جي پنهنجي ئي سرزمين تان بيدخل ڪرڻ آهي. اهي قدم تڪراري علائقي تي مستقل طور ت?? قبضو ڪرڻ ۽ ان جي خاص ڪشميري ڪردار کي مٽائڻ جي لاءِ کنيا ويا هئا. هن چيو ته اڄ ڀارت دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير ان جي سرزمين جو هڪ غيرتڪراري حصو آهي. جڏهن ته اهو ڀارت ئي هو جيڪو ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي کي س??ام??ي ڪائونسل ۾ کڻي ويو ۽ اتي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو. رياست جي حتمي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي ڇٽيءَ هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪشميري عوام جي نه ٽٽڻ جهڙي عزم ۽ حوصلي جي ڪري اهي دهشت زده ڪرڻ ۽ محڪوم بڻائڻ جي هر ڀارتي ڪوشش جو مقابلو ڪري رهيا آهن. ڀارت جا سم??را ظالماڻا حربا ڪشميرين جي آزادي جي تڙپ کي نه ٿا وسائي سگهن. ڀارت گذريل 75 سالن کان مختلف حربن ۽ سازشن سان ڪشميري عوام جي حقن ۽ امنگن کي پائمال ڪري رهيو آهي. جڏهن ته 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ کليل جيل ۾ بدلايو ويو آهي. هن چيو ته ڀارت جو ڪشميري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقانوني عمل آهي. سفارتي ٻهروپيو يا ڀارتي رياستي دهشتگردي ان حقيقت کي تبديل نه ٿي ڪري سگهي. ڀارت ڪشميري عوام کي انهن جو جائز خودمختياري جو حق ڏئي س??ام??ي ڪائونسل پاران پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.