اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته نصاب ڪنهن به تعليمي انفراسٽرڪچر ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته پاڪستان جي آئين ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ کي پنهنجي قومي نصاب ۾ شامل ڪري، اسان پنهن??ي ايندڙ نسل جي لاءِ پنهنجي حقن ۽ ذميوارين کي چڱي طرح سان ڄاڻڻ جو بنياد رکيو آهي. هن چي?? ته اسان جو تصور اهو آهي ته جڏهن اسان جا ٻار ه?? ملڪ جون واڳون سنڀاليندا ته اهي آئين سان گڏوگڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي علم ک??ن به چڱي ريت واقف هوندا. وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته سلمان صوفي جي سربراهي ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ تعليم واري وزارت سان گڏ??ي انهن سڌارن جي قيادت ڪئي آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته اسان پنهنجي حڪومت جي مدي جي مختصر عرصي ۾ بامعنيٰ تعليمي سڌارن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهون.