اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي تر??ي پاڪستان جي تر??ي سان واڳيل آهي، قومي سياسي قيادت بلوچستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي، صوبي جا سمورا مسئلا ۽ گم ٿ??ل ماڻهن جو مسئلو ري??ست جون سموريون لاڳاپيل ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي شاگردن جي شڪايتن جي حوالي سان قائم ڪيل ڪميشن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ڪميشن وزيراعظم کي بلوچستان سان تعلق رکندڙ شاگردن جي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان ڪميشن پاران جوڙيل رپورٽ تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته بلوچ شاگردن جي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان رپورٽ انتهائي جامع آهي ۽ انتهائي ايمانداري ۽ سنجيدگي سان جوڙي وئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا رپورٽ ۾ ڏنل تجويزن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته بلوچ شاگردن جا مسئلا ۽ شڪايتن جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته بلوچ شاگرد پاڪستان جو اثاثو آهن ۽ انهن جي ڀلائي ۽ خوشحالي ۾ ئي پاڪستان جي تر??ي آهي. وزيراعظم چيو ته قومي سياسي قيادت بلوچستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان جا سمورا مسئلا خاص طور تي گم ٿ??ل ماڻهن جو مسئلو ري??ست جون سموريون ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن. هن وڌيڪ چيو ته گم ٿ??ل ماڻهن جي حوالي سان آئين ۽ قانون جي دائري جي اندر رهندي مناسب قدم کنيا وڃن. هن چيو ته حصيداري ۽ پارٽنرشپ جي حڪمت عملي اختيار ڪري قومي اتحاد ۽ تر??ي يقيني بڻائي سگهجي ٿي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي تر??ي سان پاڪستان جي تر??ي واڳيل آهي. هن هدايت ڪئي ته بلوچستان جي تر??ي جي لاءِ تر??ياتي فنڊز جي فراهمي ممڪن بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته عورتن ۽ معاشري جي محروم طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ ڪميشن جي ڪنوينر قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل ۽ ميمبرن سينيٽر مشاهد حسين سيد، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، افراسياب خٽڪ، ناصر محمود کوسا، ميجر (ر) حسنين ايڊيشنل ??يڪ??يٽري سينيٽ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل ا??لي?? سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. بلوچستان جي شاگردن جي شڪايتن جي حوالي سان ان ڪميشن جو قيام اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ سيپٽمبر 2022ع ۾ عمل ۾ آيو هو.