اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان گڏ سينيٽ آف پاڪستان جي 50 سال مڪمل ٿيڻ جي تقريبن جي موقعي تي پارليام??نٽ هائوس ۾ تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. سينيٽ جي 50 هين سالگرهه جي تقريبن جي مناسبت سان ڪميٽي آف هول جي اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کيس يادگاري تح??و پيش ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پڻ سينيٽ چيئرمين کي ميڊلين پيش ڪيو.