اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) سينيئر پاڪستاني سفارتڪار آفتاب احمد کوکر کي اسلامي تعاون تنظيم جو سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت اسسٽن?? سيڪريٽري جن??ل چونڊيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. آفتاب احمد کوکر هن وقت آسٽريا ۾ پاڪستان جي سفير ۽ ويانا ۾ قائم عالمي ادارن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. اسلامي تعاون تنظيم آفتاب احمد کوکر کي 2024ع کان 2029ع جي مدي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو اسسٽن?? سيڪريٽري چونڊيو آهي.