اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيندي آءِ ٽي، دو??ئن، تعميرات، غذائي تحفظ ۽ هنرمند افرادي قوت سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل گارڊ سلطنت بحرين جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن الخليفه سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻ??هي ڀائر مل??ن جي وچ ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيو. هن ٻنهي مل??ن جي لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪي?? ۽ آءِ ٽي، دو??ئن، تعميرات، غذائي تحفظ ۽ هنرمند افرادي قوت جي حوالي سان گڏيل تعاون کي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. بحرين جي ڪمانڊر ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ گهرن ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪي?? ۽ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ انهن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪي??. بحرين ۾ هن وقت 120000 کان وڌيڪ پاڪستاني موجود آهن جيڪي ٻنهي مل??ن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.