اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پا??ستان ڀارت پاران 9 مارچ 2022ع تي براهموس سپر سونڪ ميزائيل جي پا??ستاني سرزمين تي غيرذميواراڻي فائرنگ تي پنهنجي ڳڻتي کي ورجائيندي ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنجي ??طا??بي کي به ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هڪ سال اڳ 9 مارچ 2022ع تي ڀارت جي سورت ڳڙهه مان پا??ستاني حدن ۾ سپر سونڪ ميزائيل براهموس فائر ڪيو ويو هو. ان سان انساني جانين ۽ ملڪيتن کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي پڻ شديد خطرو لاحق ٿيو. ترجمان چيو ته پا??ستان ان نازڪ صورتحال ۾ مثالي تحمل جو مظاهرو ڪيو جيڪو اسان جي نظام جي پختگي ۽ هڪ ذميوار ائٽمي رياست جي طور تي امن جي لاءِ پڪي عزم جو ثبوت آهي. ڀارت جي غيرذميواراڻي عمل عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي سطح تي غلط قدمن جي لاءِ رياستن جي ذميواري بابت شقن، شهري هوابازي جي قانونن ۽ حفاظتي پروٽوڪول جي خلاف ورزي آهي. ان پنهنجي اسٽريٽجڪ هٿيارن کي منهن ڏيڻ جي حوال?? سان ڀارتي نظام ۾ موجود ڪيترن ئي نقصن ۽ فني خامين کي بي نقاب ڪيو آهي. ترجمان چيو ته هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود ڀارتي حڪومت ان سنگين واقعي بابت حقيقتن جو صحيح طريق?? سان تعين ڪرڻ جي لاءِ گڏيل جاچ جي پا??ستان جي ??طا??بي کي تسليم نه ڪيو. ڀارت پنهنجي اندروني جاچ جا نتيجا به پا??ستان سان شيئر نه ڪيا آهن. ان جي نام نهاد داخلي جاچ جي هڪطرفي ۽ جلدبازي ۾ بندش ڀارت جي اسٽريٽجڪ هٿيارن جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تي سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ترجمان چيو ته پا??ستان ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنجي ??طا??بي کي ورجائي ٿو. اسان سيڪيورٽي پروٽوڪول ۽ جوهري ماحول ۾ ميزائيلن جي حادثاتي يا غيرمجاز لانچ جي خلاف ٽيڪنيڪي خدشن جي حوال?? سان ڪيترن ئي بنيادي سوالن جي اطمينان جوڳن جوا??ن ۽ وضاحت جي پڻ اميد ڪريون ٿا.