اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ??اهر ڪئي آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ??ان پنهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي، آءِ ايم ايف پروگرام تحت 9 هون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد ??هي، پاڪستان پروگرام ۾ طئي ٿيل سڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جي وفد ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اي ڊي بي جي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم پاڪستان ??ان اي ڊي بي جي پراڻي وابستگي ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ قابل اعتماد حصيدار هجڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ اي ڊي بي جي فراخداڻي مدد کي ساراهيو، ان ۾ هنگامي امدادي گرانت، آفتن کانپوءِ جي ضرورتن جو اندازو ۽ جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنس ڪانفرنس دوران ڪيل و??عدا شامل هئا. وزيراعظم پاڪستان جي اهم اقتصادي شعبن خاص طور تي ٽرانسپورٽ، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ سماجي شعبي ۾ اي ڊي بي جي سيڙپڪاري کي ساراهيو. هن اميد ??اهر ڪئي ته اي ڊي بي ملڪ جي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ??ان پنهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي. وفد کي ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت نائُون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد ??هي جيڪو عملي جي سطح جي معاهدي ??ان اڳتي وڌي رهيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان پروگرام ۾ طئي ٿيل سڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد تازي ٻوڏ ??ان ٿيندڙ تباهي جي وڏي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ حڪومت جي ڪوششن تي پنهنجي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اي ڊي بي ??ان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جي تجديد ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ?? لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.