اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حادثن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن کان بچڻ جي لاءِ قانونن تي عملدرآمد کي لازمي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته توهان جو خيال ٿي سگهي ٿو ته ٽريفڪ حاد??ا ڪو ا??م موضوع نه آهي پر جي??ڏهن اسان قانونن تي عمل نه ڪنداسين ته رستن تي موت جو شڪار ٿينداسين. صدر چيو ته سياست به ائين آهي، ??سان جو آئين قاعدن جو مجموعو آهي. قانون ٽوڙيندڙن جي مفادن کي پورو ڪرڻ لاءِ بهانا ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ کي آئين جو پابند بڻائڻ گهرجي.