ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪر?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن جي وفد سان ملاقات دوران ڪي??. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين وا??ي وفاقي وزير اسحاق ڊار، دفاع وا??ي وفاقي وزير خواجه محمد آصف، هوا??از?? وا??ي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وا??ي وفاقي وزير سالڪ حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وفد ۾ ابوظهبي ڊيولپمينٽ هولڊنگ ڪمپني (اي ڊي ڪي??) جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد حسن ??لسويدي ۽ انٽرنيشنل هولڊنگز ڪمپني (آءِ ايڇ سي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد بصر شعيب ۽ ٻيا شامل هئا. وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ اسان جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪر?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ملاقات دوران وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفد کي خوراڪ ۽ زراعت، هوا??از??، بجلي، متبادل توانائي بشمول شمسي توانائي، مالياتي خدمتن، صحت جي سارسنڀال، صنعت، لاجسٽڪس، ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ پاڪستان جي جيو اڪنامڪ صلاحيتن تي بريفنگ ڏني وئي. محمد حسن ??لسويدي اي ڊي ڪي?? جي عالمي موجودگي کي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان دلچسپي ظاهر ڪئي. اي ڊي ڪي?? وچ اوڀر جي خطي جي سڀ کان وڏي هولڊنگ ڪمپنين مان هڪ آهي جنهن وٽ ابوظهبي جي نان آئل معيشت جي اهم شعبن جو احاطو ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي متنوع پورٽ فوليو آهي.