جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، ٻوڏ سان نه رڳو انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو پر مل??ي معيشت به بري طرح متاثر ٿي، لکين گهر ٻوڏ ۾ وهي ويا، تعليمي ادارا تباهه ٿي ويا ۽ زراعت ختم ٿي وئي، مشڪل ??قت ۾ مدد ڪندڙ مل??ن کي پاڪس??ان نه وساريندو، ٻوڏ متاثرين جي نئين سر تع??ير ۽ بحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي امداد جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثر علائقن جي نئين سر تع??ير ۽ بحالي جي حوالي سان ”ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان“ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن ڪانفرنس جي ميزباني ۽ ان کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، مون کي خوشي آهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس مون سان گڏ هن ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪري رهيو آهي جهڙي طرح ٻوڏ کانپوءِ هن پاڪس??ان جي عوام جي احساسن جي ترجماني ڪئي ۽ مشڪلاتن کي اجاگر ڪيو، ان تي پاڪس??ان جي عوام پاران سندس ٿورا مڃان ٿو. ٻوڏ کانپوءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سنڌ ۽ بلوچس??ان سميت ٻوڏ سان شديد متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ وسيع پئماني تي ٿيندڙ تباهي جو پاڻ جائزو ورتو، پاڪس??ان جي ٻوڏ متاثر عوام مشڪل ??قت ۾ ان جي ڪردار ۽ خدمتن کي سدائين ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، 33 ملين ماڻهو شديد متاثر ٿيا جڏهن ته ٻارن سميت 1700 ماڻهو ٻوڏ ۾ فوت ٿيا، ٻوڏ ريلن ۾ ڪيترائي لک ۽ هزارين ڪلوميٽر رستا وهي ويا، 10 لک ٻارڙين سميت 26 لک ٻارن جو تعليمي سلسلو ڪٽجي ويو، مشڪل ترين ??قت ۾ گڏيل قومن، ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، وچ اوڀر ۽ يورپي مل??ن سميت دنيا جي ڪيترن ئي مل??ن اسان جي مدد ڪئي، آئون انهن سڀني جا ٿورا مڃان ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪس??ان اڃا تائين ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان ٻاهر ناهي نڪتو ۽ متاثر علائقن ۾ ريليف جو ڪم جاري آهي، بلوچس??ان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي اڃا به بيٺل آهي، ان کي ڪڍڻو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ نئين سر تع??ير جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڻي بيهڻ سان زراعت به شديد متاثر ٿي آهي ۽ فصل پوکي نه ٿا سگهجن، اسان کي متاثر خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي ۽ پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل بڻائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي جيڪو پاڪس??ان جي جي ڊي پي جو 8 سيڪڙو آهي، 90 لک ماڻهو غربت جي ڌٻڻ ۾ دٻجي ويا آهن. هن چيو ته پاڪس??ان جي حڪومت متاثرين جي فوري مدد ۽ بحالي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي، 20 هزار ٽروپس، سوين هيلي ڪاپٽرز ۽ ٻيڙين ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو ۽ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل عوام کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو، 2.7 ملين خاندانن کي 400 ملين ڊالر جي ڪيش گرانٽ ڏني پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته هو ڪانفرنس جي سمورن شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃي ٿو. انهن پاڪستاني عوام جو ڏک محسوس ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺل آهيون، پاڪس??ان کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڪري تمام مشڪل چئلينجز درپيش آهن، ٻوڏ متاثرين جون زندگيون بدلجي ويون آهن، حڪومت انهن جي ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تع??ير جي لاءِ ٺوس منصوبو جوڙيو آهي، اسان کي ان سلسلي ۾ عالمي برادري جي مدد گهربل آهي، ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڪري پاڪس??ان جي معاشي ترقي جي رفتار پڻ بري طرح متاثر ٿي آهي، پاڪس??ان اڪيلو ان تباهي سان ٿيندڙ اثرن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هن مشڪل صورتحال ۾ عالمي برادري پاڪس??ان جي ڀرپور مدد ڪندي.