ڪراچي / اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ??وام جي طاقت جي علامت هو، ان جو نظريو، جدوجهد ۽ قرباني ??ازوال آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل پيغام موجب قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ??ي 95 هين ولادت جي ڏهاڙي تي پ??هن??ي پيغام ۾ هن چيو ته ڀٽو هڪ نظريو آهي، جنهن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ تاريخ ۾ بي نام ۽ نشان خاڪ بڻجي ويا، جڏهن ته ڀٽو ??و نالو اڄ به پاڪستان جي گهٽين چوڪن سم??ت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ گونجي ٿو. چيئرمين بلاول ڀٽو ??رداري چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کانپوءِ قائد عوام قوم جو مقبول ترين ليڊر هو، جنهن پ??هن??ي خلوص، تدبر ۽ محنت جي ذريعي ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي لحاظ سان اڳتي وڌايو. هن چيو ته شهيد ڀٽو ??وام کي سياسي شعور ڏنو ۽ بااختيار بڻايو، ملڪ کي پهريون متفقه آئين ۽ ائٽمي پروگرام ڏنو، پاڪستان کي اسلامي دنيا جو مرڪز بڻايو ۽ پاڪ – چين لاڳاپن جو بنياد رکيو. هن چيو ته پاڪ – چين لاڳاپن کي هڪ اڻٽٽ دوستي ۾ تبديل ڪرڻ به چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو ??ي سُڃاڻپ آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته قائد عوام بطور ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم پاڪستان ۾ مزدورن کي ٽريڊ يونينز جوڙڻ جو حق ڏنو ۽ مزدور دشمن پاليسين جو خاتمو ڪيو. زرعي سڌارا ڪري بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون ۽ غريبن کي گهرن جو مالڪ بڻايو. چيئرمين بلاول ڀٽو ??رداري چيو ته قائد عوام جي نظريي کي فروغ ۽ ان جي مشن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ??ڄي زندگي جدوجهد ڪئي ۽ پ??هن??ي حياتي تائين جي پرواهه نه ڪئي. هن ان عزم کي ورجايو ته هو پ??هن??ي پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ??ي نظريي ۽ مشن جي روشني ۾ 1973ع جي آئين جي حفاظت، جمهوريت کي مضبوط، رواداري ۽ برابري کي فروغ ۽ پاڪستان کي اسلامي دنيا جو رول ماڊل ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي جدوجهد کي منزل تي پهچائي ئي سک جو ساهه کڻندو.