لاهور -21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص نمائندي حافظ محمد طاهر محم??د اشرفي چيو آهي، ته لانگ مارچ ۽ جٿا بندي سان حڪومتون نٿيون ڪيرائي سگهجن، ارشد شريف جي قاتلن کي ڳوليو وڃي، بنا شاهدين ۽ ثبوتن جي الزام ت??اش?? مناسب ناهي. توشه خانه مان اسان نيڪنامي ناهي ڪمائي، دشمن سازشن ۾ مصروف آهي، اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري ملڪي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن جامع منظور الاسلاميه ۾ استحڪام پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. خاص نمائندي چيو ته پاڪستان جو استحڪام داخلي ۽ سياسي استحڪام سان واڳيل آهي، پاڪستان جي مذهبي قوتن پيغام پاڪستان ڏئي سڄي دنيا آڏو هڪ اهڙو ميثاق رکيو آهي، جنهن سان اوڀر ۽ اولهه جا ملڪ رهنمائي ??ٺي رهيا آهن. چيو ويندو هو ته پاڪستان جو مذهبي طبقو پاڻ ۾ متفق ناهي، پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان جو مذهبي طبقو گڏيل رواداري، محبت ۽ ڀائيچاري جو ع??لي مظاهرو ڪري ڏيکاريو آهي ۽ پيغام پاڪستان سان دنيا جا ڪيترائي ??لڪ رهنمائي ??ٺي رهيا آهن. طاهر محم??د اشرفي چيو ته ملڪ ۾ ميثاق پاڪستان جي ضرورت آهي، عدل جي نظام جي اصلاح چونڊ سڌارن ۽ وڌندڙ تشدد جي خاتمي جو سوچيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي حساس ادارن خلاف پروپئگنڊه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستاني قوم جي ريڊ لائين انهن جو دين، وطن ۽ ان جي سلامتي وارا ادارا آهن، نائن اليون بعد اسان ايئن گڏ نه پئي ??يهي سگهياسين. اسان جون بازارون، مسجدون، امام بارگاهون ۽ گرجا گهر ويران ٿي ويا هئا. قوم ۽ پاڪ فوج جي قربانين سان دهشتگردي جو خاتم?? ممڪن ٿيو. هن چيو ته اظهار جي آزادي جي به ڪا حد هوندي آهي، بنا ڪنهن حدبندي جي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو نقصان ملڪ کي پهچي رهيو آهي. پاڪستان ۾ داخلي استحڪام سان 25 کان 30 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري اچي سگهي ٿي. هن چيو ته ارشد شريف جي قاتلن جي ڳولا ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، سڀئي ڄاڻن ٿا ته را جو ڀارت بعد سڀ کان منظم نيٽ ورڪ ڪينيا ۾ آهي