اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سامونڊي معاملن و??ري وفاقي وزير فيصل سبزواري ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم ريليف فنڊ ۾ 3 ڪروڙ 32 لک جا جدا جدا چيڪ پيش ڪيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب ملاقات ۾ سامونڊي معاملن و??ري وفاقي وزير وزيراعظم کي وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۽ جاري سڌارن ??ي تفصيلي بريفنگ ڏني. سامونڊي معاملن و??ري وفاقي وزير وزيراعظم فلڊ ريليف اڪائونٽ جي لاءِ ڪراچي انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل لميٽيڊ پاران هڪ ڪروڙ 16 لک، سائوٿ ايشيا پاڪستان ٽرمينلز پاران هڪ ڪروڙ 16 لک ۽ سي اي او ڪنگز گروپ پاران هڪ ڪروڙ رپيا عطيي جا چيڪ پيش ڪيا.