اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ج?? هدايت تي اسلاميه يوني??رس??ي بهاولپور بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ تعليمي خرچ ختم ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ج?? بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شآگردن جي لاءِ وڏو تحفو آهي. وزيراعظم اهو قدم بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي اعليٰ تعليم جي حوصلا افزائي جي لاءِ کنيو آهي. قدم جو مقصد قومي اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري جي فضا جو فروغ آهي. اسلاميه يوني??رس??ي بهاولپور ۾ بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جا شاگرد مفت تعليم حاصل ڪندا. بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ تعليمي پئڪيج بابت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. شاگردن جا 50 سيڪڙو تعليمي خرچ وفاقي حڪومت ادا ڪندي. شاگردن جي 50 سيڪڙو فيس اسلاميه يوني??رس??ي بهاولپور اداڪندي. وزيراعظم جي هدايتن تي يوني??رس??ي مان ڪڍيا ويندڙ شاگرد به بحال ڪيا ويا آهن. لاڳاپيل شاگردن کي يوني??رس??ي پاران جاري نوٽيس پڻ واپس ٿي ويو. وزيراعظم شهباز شريف اهڙي طرح جون سهولتون پنجاب جي وڏي وزير طور شاگردن کي ڏنيون هيون.