اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجل??س جي موقعي تي ملالا يوسفزئي ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽو??يٽ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم ان موقعي تي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ڪهڙي طرح ملالا سڄي دنيا جي لکين ماڻهن کي متاثر ڪيو ۽ اميد ج?? علامت بڻي. هن چيو ته ملاقات ۾ موسمياتي تباهي جي ڏس ۾ پاڪستان ۾ تعليم کي درپيش چئلينج?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.