ڪراچي -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي، ته پاڪستان ۾ تباهه ڪن ٻوڏ سبب انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، پاڪست??ن کي فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي ادارن کي مشڪل جي هن ??هڙي ۾ فراخدلي سان پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ??راچي ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جيڪا تباهي آئي آهي، دنيا جي ڪنهن به آفت دوران ايتر?? تباهي نه ڏٺي، ان صورتحال کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. هن ??يو ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، فصلون تباهه ٿيون، چوپايو مال لڙهي ويو، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهو پنهنجا گهر ٻار، ۽ روزگار وڃائي ويٺا آهن. اهڙي صورتحال سبب پاڪستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آ??ي. ??ن چيو ته موسميات?? تبديلي اڄ جو وڏو مسئلو آ??ي. ??اڪستان ٻين ملڪن جي قدمن جي قيمت چڪائي رهيو آهي. ڪاربن پکيڙڻ سبب جي-20 ملڪن جو حصو 80 سيڪڙو آهي، ترقياتي ملڪن کي موسميات?? تبديلي جي چئلينجن کي منهن ??يڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، صنعتي ملڪن کي بدترين ڪاربن جي نيڪال ڪرڻ ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي، اڄ پاڪستان موسميات?? تبديلي جو شڪار آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ هوندو، جيڪڏهن فوري طور قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ تمام گهڻا خطرا هوندا. سيڪريٽري جنرل چيو ته مشڪل جي هن ??هڙي ۾ گڏيل قومون ۽ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پاڪست??ن کي لکين ماڻهن جي بحالي لاءِ فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آ??ي. ??ن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي سنجيدگي سان هن ??الهه تي سوچڻو پوندو ته آفت جي هن صورت ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪهڙي طرح ڪئي وڃي. کين پاڪستان سميت ٻين اسرندڙ ملڪن کي مشڪل مالي صورتحال کي منهن ??يڻ لاءِ مدد لاءِ نئون طريقو جوڙڻ ج?? ضرورت آ??ي. ??ن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري تيزي سان پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي وڌندي. هن ??يو ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت امدادي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي پڻ اڳتي وڌي مشڪل جي هن ??هڙي ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني ت?? تباهي ٿي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو هن مشڪل جي گهڙي ۾ پاڪستان جو دورو سٺو سنئوڻ آ??ي. ??ن دوري سان عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ امدادي ڪوششن ۾ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ??رپور مصروفيتن باوجود پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو مڃيو. هن ??يو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.