اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ واپارين ۽ صنعتڪار?? جي هڪ وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ پرائم منسٽر ريليف فنڊ لاءِ چيڪ پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف پڻ موجود هو. وفد ۾ سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو چيئرمين خواجه مسعود ??خت??، سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر ميان عمران اڪبر، الغازي ٽريڪٽرز جو سي اي او ملڪ احتشام اڪرام ۽ ٻيا صنعتڪار ۽ واپاري شامل هئا. وفد ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ وڏي رقم جو عطيو وزيراعظم کي ??يش ڪيو. وفد پاران راشن ۽ ٻين ضرورت جي شي?? جي صورت ۾ امدادي سامان پڻ ٻوڏ س??يل?? جي لاءِ عطيو ڪيو ويو. وفد وزيراعظم کي ??ڌايو ته سيالڪوٽ جي واپاري برادري متاثر علائق?? جي ماڻهن کي ??وڪريون ڏيڻ جي حڪمت عملي پڻ ٺاهي آهي ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ گهر?? جي تعمير جي لاءِ پڻ سيالڪوٽ جي واپاري برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم وفد پاران عطيي کي ساراهيندي چيو ته هن آفت کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ هر طبقي جي ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ خاص طور تي واپارين ۽ صنعتڪارن جو تمام اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، قيمتي انساني جانين کانسواءِ ٻوڏ پاڻ سان گڏ فصلن، چوپائي مال ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر کي ??ڻ وهائي ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ س??يلن کي ??ي خاندان 25 هزار رپيا انتهائي شفاف طريقيڪار جي ذريعي ڏنا پيا وڃن ۽ ان مد ۾ وفاقي حڪومت 70 ارب رپي?? جي رقم رکي آهي.