اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم اڄ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ??ي، جن ڀارتي جارح??ت جي خلاف ملڪ جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ انهي جذبي جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ قوم متحد ٿي پنهنجي جاگرافيائي سالم??ت جي خلاف ڀارتي جنگي جنون کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته تاريخي ٻوڏ جي تباهين ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏيندي ا??ان کي اڄ 1965ع جي جذبي جي ضرورت آهي. قوم جو اتحاد ئي ا??ان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. هٿياربند فوج ۽ عوام جي اتحاد جي رشتي کي ٽوڙڻ جو ارادو ڪندڙ پاڪستان جو دوست نه ٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته اچو قوم جي اتحاد جي ان رشتي کي مضبوط بڻايون.