سيالڪوٽ – 04 – آگسٽ (اي پي پي) چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر تع??يم کاتي سيالڪوٽ ميان رياض احمد چيو آهي ته سيالڪوٽ ضلعي جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙي جون ??قريبون منعقد ڪيون وينديون. هن سمورن اسڪولن جي هيڊز کي هدايت ڪن??ي چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ٻارن کي ڪشمير مسئلي جي اهميت ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد بابت آگاهي ڏني وڃي. هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ مرڪزي تقريب انوار ڪلب آڊيٽوريم سيالڪوٽ ۾ منعقد ڪئي ويندي.