لاهور – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي غير??عم??لي صورتحال ۾ صنعتي ۽ درآمدي شعبي جي هر ممڪن مدد سان ئي پاڪستان جي برآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پيش ڪري سگهجي ٿو، رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن برآمدات جي پيداواري پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. وز??راعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ معاون انڊسٽريل ۽ برآمدي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انرجي ڊويزن واري وفاقي وز??ر انجنيئر خرم دستگير، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وز??ر چوڌري سالڪ حسين، ڪامرس واري وفاقي وز??ر سيد نويد قمر، انڊسٽريز واري وفاقي وز??ر سيد مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وز??ر مصدق م??ڪ، قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، قانون واري صوبائي وز??ر ملڪ احمد خان، لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن ۽ تيڪسٽائيل سيڪٽر جي ناليوارين ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وز??راعظم شهباز شريف انڊسٽريل ۽ خاص طور تي ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي انرجي سپلائي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ بزنس مين جي نمائنده گروپ کي لاڳاپيل وز??رن سان فوري طور تي ملاقات ۾ مسئلن تي تف??يلي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي انڊسٽريل ۽ برآمدي سيڪٽر جي مسئلن جي جامع ۽ موزون قدمن ذريعي فوري حل ۾ پاڪستان جي معاشي بقاءَ لڪل آهي. وز??راعظم شهباز شريف چيو ته معاشي طور تي غير??عم??لي صورتحال ۾ انڊسٽريل ۽ برآمدي سيڪٽر جي هر ممڪن مدد سان ئي پاڪستان جي برآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پيش ڪري سگهجي ٿو. وز??راعظم شهباز شريف رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني جي هدايت ڪئي ته جيئن برآمدات جي پيداواري پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي.