گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مُهاڻن جي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي، گوادر جي شهرين کي آسان شرطن تي سولر ??ينل فراهم ڪنداسين، بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ به آساني پيدا ??ئي ويندي، غيرقانوني ٽرالنگ جي خلاف سخت ايڪشن کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مُهاڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مُهاڻن جي ترقي اولين ترجيح آهي، مُهاڻن جي خوشحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن چيو ته هر گهر ۾ بجلي جي فراهمي ضروري آهي، گوادر ۾ مُهاڻن جي لاءِ چين 3200 سولر ??ينل فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته سولر ??ينل بئنڪن ذريعي آسان شرطن تي مُهاڻن کي فراهم ڪيا ويندا، مُهاڻن جيترو بجلي جو بل ادا ??ري ٿو ان کان گهٽ سولر ??ينل جي قسط ادا ??ري بجلي جي سهولت مان فائدو کڻندو، جڏهن سولر ??ينل جي قيمت مڪمل ادا ٿي ويندي ته مُهاڻن کي مفت بجلي ملندي. هن چيو ته مختلف جاين تي سولر ??ارڪس قائم ڪيا ويندا جنهن جي ڪري ماهگيرن کي نيشنل گرڊ بدران سڌوسنئون بجلي ملندي. هن چيو ته ماهيگيرن کي مرحليوار ٻيڙين جون انجڻيون فراهم ڪيون وينديون، پهرين مرحلي ۾ 2 هزار ماهيگيرن کي شفاف طريقي سان ڪُڻن ذريعي انجڻيون فراهم ڪيو وينديون، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ انتظاميا جي تعاون سان اهي انجڻيون جلد فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته غيرقانوني ٽرالنگ روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چيو ته هو جون جي آخر ۾ ٻيهر گوادر جو دورو ڪندو ۽ ماهيگيرن جا مسئلا انهن جي زباني تف??يل سان ٻڌندو، انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.