اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گوجرانوالا ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر بلال تارڙ جي اوطاق تي پي ٽي آءِ پاران فائرنگ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بلال تارڙ تي قاتلاڻو حملو عم??ان خان جي چوڻ تي ڪيو ويو، الله جو شڪر آهي ته بلال تارڙ جي جان محفوظ رهي، معيشت جي جان وٺندڙ هاڻي س??اسي مخالفن جي جان وٺڻ جي پويان آهن، پنهنجي لاءِ وزيراعظم جي س??ڪيورٽي جي خيرات گهرندڙ عم??ان نيازي ٻين جي زندگي وٺڻ جي پويان آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسلام آباد کي باهه ڏيندڙن جون دليون سياسي انتقام جي باهه ۾ سڙي رهيون آهن، گاريون ڏيندڙ هاڻي گوليون هلائڻ تي اچي ويا آهن. هن چيو ته عم??ان خان فسادي مارچ ۾ عبرتناڪ رسوائي کانپوءِ ده??تگردي جو رستو اختيار ڪري ورتو آهي، هن چيو ته معيشت ۽ عوام جي خلاف معاشي ده??تگردي ڪندڙن جي فسادي س??است عوام دفن ڪري ڇڏي آهي. مريم اورنگزيب بلال تارڙ ۽ سندس گهروارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ده??تگردن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته عم??ان خان سياسي مخالفن جي زندگي وٺڻ جي منفي س??چ ڇڏي، ملڪ ۽ عوام جي خلاف پنهنجي ڏوهن تي الله تعال??ٰ کان معافي گهري.