اسلام آباد – 16 – ??ئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام ج?? ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سم??رين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آ??ي، حڪومتي سطح تي سم??را فيصلا ڪندي قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. اهرن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالها??ين??ي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ ۽ ملڪ ۾ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري قدم بحث هيٺ آيا. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ ضرورت جي شين جي گهٽ اگهن تي دستيابي جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ دستياب وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام ج?? ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سم??رين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ حڪومتي سطح تي سم??را فيصلا ڪندي قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته جمهوريت ۽ آئين جي پاسداري ئي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي ضامن آهي.