اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غريب ماڻهن کي صحت جي معياري ??هو??تن جي مفت فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، لاچار ۽ مفلس طبقي تي ڌيان نه ڏيڻ جي سوچ بدلائڻ ۽ انهن جي خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آئي) کي ٽرسٽ بڻايو وڃي ۽ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد م??مل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ تي لاهور ۾ جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پي ڪي ايل آئي جي انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال 290 ڪڊني ٽرانسپلانٽ ۽ 190 ليور ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا، مريضن مان رڳو 17 سيڪڙو کي ئي مفت علاج جي ??هو??ت فراهم ڪئي وئي. وزيراعظم کي اسپتال سان گڏ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم پي ڪي ايل آئي جي منصوبي کي م??مل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ تي افسوس جو اظهار ڪندي پي ڪي ايل آئي ۾ مريضن کي ڏني ويندڙ موجوده ??هو??تن کي غيرتسلي بخش قرار ڏنو. وزيراعظم اسپتال ۾ ??هو??تن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو غريب مريضن کي مفت علاج فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪي??ن. ??زيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پي ڪي ايل آئي جو مقصد ئي پوري ملڪ جي غريب ۽ لاچار ماڻهن کي مفت ٽرانسپلانٽ جي ??هو??ت فراهم ڪرڻ هو ته جيئن انهن کي وڏي رقم خرچ ڪري علاج جي لاءِ ٻين ملڪن نه وڃڻو پوي. وزيراعظم پي ڪي ايل آئي کي مالي طور خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ چيف سيڪريٽري پنجاب کي هدايت ڪئي ته هو م??مل حڪمت عملي جو??ي ٽن ڏينهن ۾ پيش ڪري. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مالي سببن جي ڪري پڻ مريضن کي علاج کان محروم نه رکيو وڃي، صحت جون معياري ??هو??تون حاصل ڪرڻ ۾ ملڪ جي غريب ماڻهن کي مسئلا آهن، انهن کي عالمي معيار جي ??هو??تن جي مفت فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم لاچار ۽ مفلس طبقي تي ڌيان نه ڏيڻ جي سوچ کي بدلائڻ ۽ انهن جي خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پي ڪي ايل آئي کي ٽرسٽ بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد م??مل ڪيو وڃي ۽ پي ڪي ايل آئي جي صفائي کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ جيڪڏهن ضرورت پوي ته صفائي جي نظام کي آئوٽ سورس ڪيو وڃي. اجلاس ۾ خواجه سلمان رفيق، خواجه عمران نذير، پنجاب جي چيف سيڪريٽري، پنجاب جي هيلٿ سيڪريٽري، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ پي ڪي ايل آئي جي عهديدارن شرڪت ڪئي.