اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان پاڪستان ۾ ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي ڀ??ئر??ڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ايران هڪ ٻئي سان گڏيل مذهب، تاريخ، ثقافت ۽ ڀائيچاري جي لازوال رشتن ۾ جڙيل آه??. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ اهم علائق??ئي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف خوش آئنده آه??، خطي ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ تڪرارن جو مستقبل حل انٽر آه??، القدس شريف تي اسرائيلي قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ مسلمان امت کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آه??، ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ انساني حقن جون پائماليون انته??ئي قابل مذمت آه??، پاڪستان ايران سان توانائي، واپار ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش رکي ٿو. پارلياماني سطح تي رابطن جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي ميمب??ن کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو. ڪشمير ۽ فلسطين ۾ انساني حقن جي پائمالين ۽ القدس شريف تي غيرقانوني قبضي جي خاتمي لاءِ امت کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آه??، ايراني سفير چيو ته ايران پاڪستان سان پنهنجي پراڻي، دوستاڻي ۽ ڀ??ئر??ڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، القدس شريف ۾ جاري غير قانوني قبضي جي خلاف اڄ سڄي دنيا جي اسلامي ملڪن ۾ القدس جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار طور خصوصي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، القدس شريف جي حرمت، تقدس ۽ ان تي اسرائيلي غير قانوني قبضو ڇڏرائڻ لاءِ امت کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. ايران پاڪستان سان توان??ئي ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو.