اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اڄ انشاءَ الله پاڪستان جي مختلف علائقن مان ڪارو??ن اسلام آباد طرف روانا ٿيندا. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته آچر ڏينهن پريڊ گرائونڊ ??سلام آباد ۾ رڳو هڪ جلسو نه ٿيڻ وڃي رهيو آهي پر هڪ تاريخ لکجڻ وڃي رهي آهي. 14 آگسٽ آزادي جو ڏينهن آهي جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 27 مارچ حقيقي آزادي جو ڏينهن بڻجندو ”ن??رو پاڪستان جي خاطر“.