اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول آهي ۽ سيڙپڪارن کي مراعتون ڏنيون پيون وڃن، حڪومت بهترين پاليسيون ٺاهي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ گوادر اهم ڪردار ??دا ڪندو، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن برطانوي سيڙپڪارن ڪيري گوف جي ايم ڊي البرٽ بيري ليسي، ٽروليڪس جي ايم ڊي ٿامس البرٽ ليسي ۽ سندس وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽرن شبلي فراز ۽ سيف الله نيازي به موجود هئا. ملاقات ۾ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ وفد سينيٽ چيئرمين کي پنهنجي دوري جي مقصدن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ماحول سيڙپڪاري لاءِ سازگار، مراعتون ڏنيون پيون وڃن، ڪاروباري ۽ معاشي رابطا عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ??ابت ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته سيڙپڪارن جو اعتماد معيشت جي استحڪام ۾ مددگار ??ابت ٿيندو آهي، حڪومت بهترين پاليسيون ٺاهي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، گوادر هڪ نئين معاشي مرڪز جي حيثيت سان اڀري رهيو آهي، هن ??يو ته برطانوي سيڙپڪار گوادر ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ گوادر اهم ڪردار ??دا ڪندو، پاڪستان جي برطانيه سان تاريخي لاڳاپا آهن، واپاري وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي ايندي. پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد برطانيه ۾ آباد آهي، برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هل پل جو ڪردار ??دا ڪري رهيا آهن.