بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جو باقاعده آغاز ٿي ويو آهي، وز??راعظم ڪاروباري ملاقاتن کانسواءِ ونٽر اولمپڪس جي افتتاحي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. اها ڳالهه هن وز??راعظم جي دوري جي ??وا??ي سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جو باقاعده آغاز ٿي چڪو آهي، اڄ وز??راعظم 18 کان وڌيڪ سيڪٽرز ۾ وڊيو ڪانفرنسز ڪيون. انهن ڪانفرنسز کانپوءِ وز??راعظم عمران خان چين جي سڀ کان وڏي ٽي وي چئنل سي جي ٽي اين کي انٽرويو به ڏيندو. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪاروباري ملاقاتن کانسواءِ وز??راعظم عمران خان پنهنجي وفد سان گڏ ونٽر المپڪس جي افتتاحي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جو اهو پهريون حڪمران آهي جنهن کي المپڪس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، 20 کان وڌيڪ ملڪي سربراهه ان تقريب ۾ اڄ شرڪت ڪندا.