اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان وڏن ??هرن جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ڇو ته وڏا شهر ??ومي معيشت جي ترقي جو حقيقي محرڪ آهن، لاڳاپيل عملدار وڏن ??هرن جي ترقياتي اسڪيمن جي رستي ۾ ايندڙ ڪاوٽون ختم ڪن. هو وڏن ??هرن جي منصوبابند?? جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. هن چيو ته ٻهراڙ?? جي علائقن کان شهري علائقن ۾ آبادڪار?? جي ڪري وڏن ??هرن ??ي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن انهن ۾ هائوسنگ، ملازمتن جا موقعا ۽ شهري ضرورتن کي کوٽ ٿي رهي آهي تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته وڏن ??هرن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پيڪيج تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو وڏن ??هرن جي رهواسين کي وڌ کان وڌ رليف پهچائڻ لاءِ مختلف ترقياتي اسڪيمن جي تڪميل جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ??مڪن قدم يقيني بڻائين. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي، لاهور، ملتان، فيصل آباد، راولپنڊي ۽ گوجرانوالا جهڙن وڏن ??هرن جي ترقي ۽ بهتر?? جي لاءِ گڏيل رابطا رکن ۽ جامع مهم هلائي وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، صنعت واري وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.