اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس س??ن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان واپار ۽ سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاج??، ثقافت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پاڪستان ۾ بيلاروس جي عهدو ڇڏيندڙ سفير اينڊدي ارمولووچ سان الوداعي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.