لاهور – 18 جولاءِ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز سان پي ٽي آءِ ??ين??رل پنجاب جي صدر اعجاز احمد چوڌري ملاقات ڪئي، ملڪي سياسي صورتحال سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف جي ڪارن ڪرتوتن تان پردو کڄي چڪ?? آهي، ثابت ٿيو ته منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽ کي شهباز شريف پنهنجي ٻه نمبري جي لاءِ استعمال ڪيو، وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ڪرپشن جي ڪري مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل پنهنجي ملڪ کي به ريسڪيو ڪري رهي آهي پر مخالف ڌر کي ان سان به پريشاني ٿي آهي، مخالف ڌر جي قسمت ۾ روئڻ لکجي چڪ?? آهي، عوام انهن ٻهروپن جي سيا??ي ڍونگ ۾ نه ايندي، اهي سڀ پنهنجي سياست جي ٻڏل ٻيڙي کي بچائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري ر??يا آهن، عوام هاڻي باشعور ٿي چڪي آهي، اها ملڪ جو رت چوسيندڙن جي افراتفري تي ڌيان نه ڏيندي، انهن جون رڙيون رڳو ڦريل مال کي بچائڻ جي لاءِ آهن، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي قيادت سدائين ڦرلٽ کي اختيار ڪيو ۽ ملڪ کي نقصان پهچاي?? آهي.