اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪي ا??يڪٽرڪ جي ٽيرف ۽ ملڪ ۾ گئس جي قي??تن جي تعين جي نظام بابت معاملن تي غور ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، پرويز خٽڪ، ڊاڪٽر فهميده مرزا، امين الحق، اسد عمر، عمر ايوب خان، ميان محمد سومرو، صلاحڪارن ڊاڪٽر حفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊپٽي اسپيڪر ??اسم خان سوري، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نديم بابر، شهزاد قاسم ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا، وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ موجب ڪي ا??يڪٽرڪ بابت ٽيرف ۾ اضافي جي تجويز تي غور ڪندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال جنوري ۾ نيپرا جي سفارشن موجب سڄي ملڪ ۾ ٽيرف ۾ اضافو ڪيو ويو هو تنهن هوندي به ڪي ا??يڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو هو جنهن جي ڪري وفاقي حڪومت کي سراسري ٽي کان چار ارب روپيا ماهوار جي سبسڊي ڏيڻي پئجي رهي آهي،