اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا پمز ۾ بيت المال جي جديد سافٽ ويئر سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آه??، پاڪستان بيت المال ۽ صحت واري ??زارت جي وڏن قدمن تحت مريضن ۽ ضرورتمند ماڻهن جي امداد کي شفاف ۽ تيز رفتار بڻائڻ لاءِ جديد سسٽم متعارف ڪرايو ويو آه??، پمز ۾ بيت المال ۽ صحت واري ??زارت جي سهڪار سان شروع ??يل منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته حڪومت واعدي موجب پوئتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آه?? اها ئي مديني جي رياست جي حقيقي شڪل آه??، جتي وسيلن جو رخ ضرورتمندن طرف موڙيو پيو وڃي، غريب ۽ ضرورتمند مريضن جي علاج لاءِ مالي امداد جي فراهمي کي جديد رخن تي هموار ڪيو پيو وڃي.