اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي روڪٿام لاءِ زميني حقيقتن تي ٻڌل پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر روزان?? جي بنياد تي صورتحال جو جائزو وٺي فيصلو ڪري رهيو آه??، ايندڙ مهيني ڪورونا وائرس جي مريضن جي تعداد ۾ متوقع اضاف?? جي پيش نظر حڪومت طرفان ممڪنه تيار?? جي حوالي سان اهن چيو ته دنيا ۾ صحت جو ڪو به نظام ان قسم جي وڏي بحران جو مقابلو نٿو ڪري سگهي تنهن هوندي به حڪومت صورتحال کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندي.