اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته (ن) ليگ ڪرونا وائرس جي وبا جهڙي حساس مسئلي تي به سياسي دڪان لڳائڻ کان پاسو نه ڪيو، وزيراعظم عمران خان طرفان عوام جي تحفظ، مفاد ۽ سلامتي ل??ءِ ??ني?? بروقت قدمن جي گواهي دنيا ڏئي رهي آهي، صحت واري عالمي ادار?? جو بيان ان جو چٽو ثبوت آهي، عوام جو درد ۽ احساس هجي ها ته آزمائش جي ان گهڙي ۾ ن ليگ جي قيادت پنهنجي وطن واسين سان گڏ بيٺل هجي ها.