ليه – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان مشڪل وقت مان نڪري چڪو آهي، قوم کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون، جيڪڏهن اسان گذريل حڪومتن جي لاءِ ??رضن جون قسطون وقت تي نه واپس نه ڪريون ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، تعليم، صحت، انصاف ۽ ٿاڻن جو نظا?? بهتر بڻائي رهيا آهيون، 80 هزار ماڻهن کي هر مهيني بنا وياج قرض ۽ 50 هزار غريب نوجوانن کي هر سال اسڪالرشپ ڏينداسين، سڄي ملڪ ۾ مزدور ۽ غريب طبقي کي ڇت ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ ??ناهگاهون تعمير ڪيون پيون وڃن، غريب ۽ امير لاءِ ??ڪجهڙو نصاب آڻي رهيا آهيون، استادن لاءِ جزا ۽ سزا جو نظام آندو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ليه ۾ ”احساس اثاثا جات منتقلي پروگرام“جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.