اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگا?? ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پناهگاهن ۽ لنگر خانن جو مذاق اڏائيندڙن کي غريبن جي ڏک ۽ درد جو احساس نه آهي، غريبن جي درد جي احساس جي دعويٰ ڪندڙ پرڏيهي ملڪ پنهنجي محلاتن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ عياشيون ڪندي ڏسڻ ۾ اچي ره??ا آهن، اڄ کان پهرين ڪنهن ح??وم?? فوٽ پاٿن ۽ پارڪن تي سمهندڙن جو احساس ناهي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اها ح??وم?? انهن جي ڏکن تي مرهم رکي ره?? آهي، هن ملڪ جي عوام کي ماضي جي حڪمرانن بدعنواني، مني لانڊرنگ ۽ غريبن جو رت چوسي عوام کي ڏک ڏنا، وزيراعظم عمران خان بهترين طريقي ۽ پرعزم انداز ۾ غريب ??وام جي ڏکن جو ازالو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ره??و آهي. مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست طرف اڳڀرائي جو اهو سفر جاري ره??دو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئي اليون پناهگاهه جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.