اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اڄ وفاقي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ حڪومتي وفد ملاقات ڪئي، عوام جي اميدن ۽ وزيراعظم جي ترجيحن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ايم ڪيو ايم وزيراعظم جي ويز?? 2020ع جو حصو رهندي، وزيراعظم ڪراچي جي لاء?? 162 ارب جو پئڪيج ڏئي چڪو آهي، راڻا ثناءُ الله پنهنجي ڪيس کي سياسي رنگ ڏيڻ جي لاءِ پورو زور لڳ??ئي رهيو آهي، خاص عدالت جو قيام ڪابينا جي منظوري کانسواءِ نواز شريف ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف ڪيس ۾ انصاف جي ف??اهمي کي يقيني بڻايو، اليڪشن ڪميشن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم سان وفاقي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ حڪومتي وفد تفصيلي ملاقات ڪئي.