نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. نگران وز??راعظم گذريل سال پاڪستان ۾ ٻوڏ دوران سندس اڻٿڪ حمايت ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ (فور آر ايف) تي جنيوا ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني تي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. نگران وز??راعظم موسمياتي تبديلي جي سنگين خطرن جي ڏس ۾ ترقي يافته ملڪن پاران موسمياتي مالياتي واعدن جي تڪميل جي اهميت تي زور ڏنو. نگران وز??راعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جنهن جو مقصد ملڪ جي مضبوط اقتصادي بحالي جي لاءِ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. نگران وز??راعظم پائيدار ترقي جي هدفن کي سگهه ڏيڻ ۽ ايس ڊي جيز ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تجويز ڪيل قدمن جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عاليم مالياتي تبديلي جي مطالبي کي ساراهيو. نگران وز??راعظم 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو ذڪر ڪندي سيڪريٽري جنرل کي ڀارت پاران جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ تي زور ڏنو.