تهران -11 سيپٽمبر (اي پي پي ) ايران چيو آهي ته هو علائقي جي رياستن ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ مضبوط تعلق جي قيام ۾ مدد لاءِ تيار آهي ، چيني خابرو اداري موجب اها ڳالهه ايراني پرڏيهي وزير امير عبداله??ان گادي واري شهر تهران ۾ نار فارس جي معاملن بابت يورپي يونين جي خصوصي سلهڪار لوئجي ڊي مايو سان گڏ ملاقات دوران چئي هن چيو ته اسان ??و ملڪ يورپي بلاڪ ۽ علاقائي رياستن جي وچ ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ يورپي يونين جي ڪنهن به قدم جي آج??ان ڪري ٿو هن علائقي جي موجوده حالت کي علاقائي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ نئون باب قرار ڏنو . يورپي يونين جي نمائندي بلاڪ پاران ايران جي اهم علاقائي حيثيت تي روشني وجهندي چيو ته علائقي رياستن جي وچ ۾ ڳا??هي?? ۽ سهڪار جو فورم اهم آهي هن چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعلق ??و معمول تي اچڻ علائقي جي مفاد ۾ آهي . ملاقات دوران ايران جي ايٽمي پيش رفت ۽ ايران تي لاڳ?? پابندين جي خاتمي بابت معاملن تي به ڳا??هي?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي .