اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف پاران بجلي صارفين جي لاءِ تاريخي ر??ليف پئڪيج جي آجيان ڪندي چيو آهي ??ه 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جي لاءِ يونٽ 14 رپيا ڪرڻ جو ريليف بنا ڪنهن شڪ جي ميان محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ جو عوام دوست بهتر قدم آهي، عوامي ر??ليف ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي حڪومت جي اولين ??رج??ح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ميان محمد نواز شريف جي هدايت تي قلمدان سنڀاليندي ئي عوامي ر??ليف کي حڪومت جي اولين ??رج??ح رکيو، ??از?? ئي اسان وفاقي حڪومت جي ترقياتي بجيٽ مان 50 ارب ڪاٽي بجلي جي قيمتن ۾ ريليف ڏنو جنهن سان 200 يونٽ وارا صارف??ن فائدو کڻي ر??يا آهن. هن چيو ته بجلي چوري جي خلاف قدمن ۽ بجلي جي شعبي جي سڌارن سان ان جو پائيدار حل ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري ر??يا آهيون، ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ معيشت جي استحڪام کانپوءِ ماڻهن جي زندگي آسان ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي ر??يا آهيون. وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام کانپوءِ ملڪ صحيح رخ طرف گامزن آهي، عوامي ر??ليف ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي حڪومت جي اولين ??رج??ح آهي، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي پائيدار حل جي لاءِ ڪم ٿي ر??يو آهي ۽ ان جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ر??يا آهيون.