اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي، ته 5 آگ??ٽ 2019ع تي ڀ??رت غيرقان??ني طور تي پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ نئين ۽ ناپاڪ قدمن جو هڪ گندو سلسلو شروع ڪيو، تڏهن کان ڀارت دنيا کي اهو ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي?? آهي، ته ڄمون ۽ ڪشمير ان جي سرزمين جو هڪ حص?? آهي، جڏهن ته عالمي قانونن، تاريخي حقيقتن، اخلاقي اصولن ۽ زميني صورتحال ڀارت جي بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل دعوائن کي بي نقاب ڪري ڇڏي?? آهي، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري يوم استحصال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄوڪو ڏينهن سڄي پاڪستاني قوم ۽ پاڪستان حڪومت کي يوم استحصال جي ڪاري ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو. 5 آگ??ٽ 2019ع تي ڀ??رت جي غيرقان??ني طور تي ڀ??رت جي غيرقان??ني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ غيرقان??ني ۽ ناپاڪ قدمن ۽ ان جي سنگين نتيجن جي شروعات ٿي. هن چيو ته اڄ غيرقان??ني طور تي ڀ??رت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميري عوام جي حقيقي قيادت کي خاموش ڪرڻ ۽ ميڊيا جي آواز کي دٻائڻ لاءِ ڀارت طرفان هر قسم جي ڪُڌي حرڪت اپنائي پئي وڃي. ڀارتي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ سياسي قيدين جو انگ هزارن ۾ آهي، جڏهن ته 14 ڪشميري سياسي تنظيمن کي ڪالعدم قرار ڏنو وي?? آهي، جنت جهڙي ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت طرفان بيگناهه ڪشميرين کي هراسان ڪرڻ، غيرقان??ني گرفتاريون، هٿ ٺوڪيا گهيراءَ ۽ تلاشي جون ڪارروائيون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن، ڀارتي فوج مختلف ظالماڻن قانونن جي آڙ ۾ مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن مان ڪشميري عوام جي بي مثال حوصلي، جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪيان ٿو، جنهن جي ڪري ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن قان??ني طور تي ڪمزور بڻائڻ جي هر ڀارتي ڪوشش جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڀارت جو هر قسم جو ظلم ۽ ڏاڍ ۽ غيرقان??ني حرڪتون ڪشميرين جي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي تڙپ کي گهٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي?? آهي. وزيراعظم چيو ته تاريخ اهو ثابت ڪي?? آهي، ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، ڄمون ڪشمير تڪرار جي حل تي ٻڌل آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارت کي هر حال ۾ تڪرارن کان انڪار بجاءِ انهن تڪرارن جي حل طرف اڳيان وڌڻو پوندو. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀ??رت تي زور ڀرڻ گهرجي ته هو غيرقان??ني طور تي ڀ??رتي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪي. 5 آگ??ٽ 2019ع جي هڪ طرفي ۽ غيرقان??ني قدمن کي واپس وٺي. پنهنجي فوج کي معصوم ڪشميرين تي ظلم ڪرڻ جي کليل آزادي ڏيندڙ قانونن کي ختم ڪري ۽ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن جي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.