اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين کي سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن سبب پيدا ٿي??دڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ ??ي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کي برساتن سان ٿي??دڙ جاني ۽ مالي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽس، آزاد ڪشمير اسٽيٽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ گلگت بلتستان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سان رابطو وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ کان متاثر رستن کي بحال ڪرڻ جي حوالي سان تيز ترين قدمن ??ي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ علاج جي سمورين سهولتن ۽ امدادي سامان سميت دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم سانوڻي جي برساتن ۽ ان ڏس ۾ پيدا ٿي??دڙ ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي ۾ ٿي??دڙ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿي??دڙن جي بلند درجن ??ي لاءِ دعا ۽ پونئ??رن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم برساتن سبب حادثن ۾ زخمي ٿي??دڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.