اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي)رٿابندي،ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن قبال چيو ??هي ته دنيا چين جي معاشي ترقي ۽ مارڪيٽ مان فائدا حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان جي جاگرافيائي ح??ثي?? سبب سي پيڪ منصوبو اڄ به اهميت رکي ٿو، سي پيڪ جي ح??ثي?? کي نظر ۾ رکندي اڄ به اسان جي لاءِ ترقي جا ڀرپور موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهجي صدارت هيٺ پاڪ – چين اقتصادي راهداري جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو، اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري دوران پاڪ – چين اقتصادي راهداري جي حوالي سان ٿيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ??ه چين ۽ پاڪستان جي قيادت وچ ۾ اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحل?? تي مڪمل اتفاق راءِ آهي، هن چيو ??ه گذريل هفتي منهنجو چين جو دورو پڻ وزيراعظم جي چين جي دوري جي ڪڙي هو، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ??ه دنيا چين جي معاشي ترقي جي ماڊل ۽ ملڪي مارڪيٽ مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي،2018 ع تائين پاڪستان سي پيڪ سبب چين جي جديد معاشي ماڊل ۽ اوپن مارڪيٽ مان فائدو حاصل ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ هو، 2018ع کان پوءِ سي پيڪ منصوبن کي تڪراري بڻائي رولڙي جو شڪار ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي تعيمر هيٺ منصوبن کي روڪيو ويو ??نهن سان اسان دنيا کان پوئتي ره??ي وياسين. هن وڌيڪ چيو ??ه 2018 تائين سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ اهم راهدري هئي اڄ به خطي ۾ بيلٽ اينڊ روڊ هيٺ ڪيتريون ئي راهداريون ڪاميابي سان آخري مرحلن ۾ پهچي رهيون آهن.پاڪستان جي جاگرافيائي ح??ثي?? سبب سي پيڪ منصوبو اڄ به اهميت رکي ٿو. اڄ به اسان لاءِ ترقي جا ڀرپور موقعا موجود آهن.هن چيو ??ه ٻنهي ملڪن جون حڪومتون ا??م ايل ون منصوبن تي جلد ڪم جي شروعات لاءِ متفق آهن، ريلوي وزارت ا??م ايل ون جي منصوبن کي جلد شروع ڪرڻ لاءِ سمورن دستاويزن ۽ ضروري قدمن کي مڪمل ڪري. هن چيو ??ه منهنجي چين جي تازي دوري دوران ا??م ايل ون منصوبن لاءِ جوائنٽ فنانسنگ ڪميٽي جو اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ٿيو ??هي. اجلاس هڪ مهيني اندر منعقد ڪيو ويندو ۽ ا??م ايل ون منصوبي کي مرحليوار مڪمل ڪيو ويندو. احسن اقبال چيو ??ه ريلوي ۽ اين ايڇ اي عملدارن سڄي خطي جي راهدري لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪن، ماسٽر پلان ۾ ٻڌايو ويندو ته سي پيڪ ۽ پاڪستان ڪهڙي ريت خطي کي جوڙڻ ۽ عالمي اقتصادي ترقي جي انجڻ طور اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.