اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پروٽيڪٽيڊ صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ سڀني ڊسڪوز جي ڊ??ٽا طلب ڪئي آهي. گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ گهرو وزارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو. محسن نقوي پروٽيڪٽڊ صارفين کي نان پروٽيڪٽڊ ڪيٽگري ۾ شامل ڪرڻ تي ڳڻ??ي جو اظهار ڪندي ايف آءِ اي جي سمورن ڊائريڪٽرز کي ڊسڪوز جي ڊ??ٽا کي چيڪ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن 3 ڏينهن ۾ ايف آءِ اي ڊائريڪٽرز کي سموريون شاهديون گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. گهرو وزير چيو ته سڀني شاهدين جي جامع رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي، پروٽيڪٽيڊ صارفين سان ناانصافي جو ازالو ڪرڻ ضروري آهي. محسن قوي ايڊيشنل ڊي ??ي ايف آءِ اي نارٿ کي پشاور، لاهور، گوجرانوالا ۽ فيصل آباد پاڻ وڃي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ ڊ??ٽا جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شاهدين جو جائزو وٺي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اوور بلنگ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو. ايف آءِ اي اختيارين اوور بلنگ تي بري??نگ ڏني. گهرو وفاقي سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي ??ي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي ??ي ايف آءِ اي نارٿ ۽ لاڳاپيل اختيارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايف آءِ اي جا سمورا ڊائريڪٽرز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.