آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ شنگهائي ت??اون تنظيم جي ڪائونسل جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم شنگهائي ت??اون تنظيم جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ اهم ??لائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم ايس سي او پلس سم?? ۾ پڻ شريڪ ٿيندو ۽ نيشنل اسٽيٽمينٽ ڏيندو. اڄ وزيراعظم شهباز شريف جو قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيف سان ملاقات جو پڻ امڪان آهي.