شينزن – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پنجن ڏينهن جي چين جي سرڪاري دوري جي پهرين مرحلي جي لاءِ شينزن پهچي ويو. وزيراعظم جو شينزن هوائي اڏي تي ??عل??ٰ چيني عملدارن، پاڪستان ۾ چ??ن جي سفير جيانگ زيڊونگ، پاڪستان جي چين ۾ سفير خليل هاشمي ۽ ??عل??ٰ س??ار??ي اهلڪارن شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان اڄ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي شينزن جي لاءِ سيڪريٽري مينگ فينلي ملاقات ڪندو جنهن ۾ چ??ن پاڪستان تعاون جي وڌيڪ فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم سڀاڻي پاڪ چائنا بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ فورم هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم ناليواري چيني هاءِ ٽيڪ ڪمپنين جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو. پاڪستاني وف?? ۾ ناليوارين پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سميت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وف??قي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وف??قي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وف??قي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وف??قي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ، غذائي تحفظ وارو وف??قي وزير راڻا تنوير حسين، واپار وارو وف??قي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وارو وف??قي وزير عبدالعليم خان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ شامل آهن.