اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس نه ڏيندڙن ۽ ٽيڪس چورن جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪندي ٽريڪ اينڊ ٽري?? سسٽم جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي نشاندهي ۽ ذميوارن جي تعين جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ، تم??ڪو?? کنڊ، سيمنٽ ۽ ڀاڻ سميت اهم شعبن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽري?? سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٽريڪ اينڊ ٽري?? سسٽم جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ٽريڪ اينڊ ٽري?? سسٽم جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي نشاندهي ۽ ذميوارن جي تعين جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، انڪوائري ڪميٽي ايندڙ ست ڏينهن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽري?? سسٽم جي مڪمل فعال ٿيڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪندي. وزيراعظم چيو ته ڪميٽي ڪارخانن ۾ ٽيڪس جي خودڪار نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي تجويزون پڻ ڏيندي. وزيراعظم پڇيو ته ٽريڪ اينڊ ٽري?? سسٽم مڪمل طور تي فعال ڇو نه ٿي سگهيو؟، تم??ڪو?? کنڊ، سيمنٽ ۽ ڀاڻ جي صنعت ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽري?? سسٽم کي مڪمل بحال ٿيڻ گهرجي ها. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن چئن وڏن شعبن کانسواءِ باقي اهم شعبن ۾ پڻ ٽ??يڪ اينڊ ٽري?? سسٽم لڳايو وڃي، ٽريڪ اينڊ ٽري?? سسٽم لاڳو ٿيڻ ۾ ايندڙ سمورين قانوني رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي، سيمنٽ جي ڪارخانن جي سمورين پروڊڪشن لائينز تي سسٽم لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ٽريڪ اينڊ ٽري?? سسٽم جي خودڪار نظام ۽ ڊيجيٽل اسٽريٽجي لاڳو ڪرڻ جي ٺوس حڪمت عملي طلب ڪندي چيو ته اهڙا سمورا ڪارخانا جيڪي ٽريڪ اينڊ ٽري?? سسٽم لڳائڻ کان انڪاري هجن انهن کي فوري طور تي سيل ڪيو وڃي، اوڳاڙين سان گڏوگڏ ٽريڪ اينڊ ٽري?? سسٽم کي جعلسازي ۽ غيرمعياري مصنوعات جي روڪٿام لاءِ پڻ استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جعلي ۽ غير رجسٽرڊ سگريٽ جي وڪري جي خاتمي ۽ انهن کي ضبط ڪري تلف ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ مافياز ملي ڀڳت سان قومي خزاني کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هن هدايت ڪئي ته ٽريڪ اينڊ ٽري?? سسٽم جي لاءِ عالمي شهرت يافته ادارن جون خدمتون ورتيون وڃن. اجلاس کي کنڊ، سيمنٽ، ڀاڻ ۽ تماڪو جي شعبي ۾ خودڪار ٽيڪس نظام جي موجوده صورتحال ۽ ان کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تماڪو جي 14 وڏن ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽري?? سسٽم مڪمل طور تي فعال آهي جڏهن ته 12 ڪارخانن کي سسٽم نه لڳائڻ جي ڪ??ي سيل ڪيو ويو آهي، ڀاڻ جي سمورين صنعتن ۾ پڻ ٽ??يڪ اينڊ ٽري?? سسٽم مڪمل طور تي فعال آهي. وڌيڪ اهو ته کنڊ ۽ سيمنٽ جي ڪارخانن ۾ سسٽم هڻڻ ۾ فني رڪاوٽون درپيش آهن جن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ گودامن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان ڏس ۾ ايف بي آر جي معاونت ڪن.